هٽائڻ جي ڳالهه ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ته آندو ڪنهن کي پيو وڃي: شعيب اختر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڀارت ۽ ڪيويز هٿان ناڪامي کانپوءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ پي سي بي انتظاميا تي اڳوڻا رانديگر ڏمرجي پيا.شعيب اختر جو چوڻ آهي ته 3، 4 ڏينهن کان ٻڌي رهيو آهيان ته هيڊ ڪوچ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان کي هٽايو پيو وڃي اهي سُٺي راند نه پيا کيڏن،اهو ٻڌايو وڃي ته آندو ڪنهن کي پيو وڃي،ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٽيم کي اڳتي کڻي هلندا.اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته اهو نه ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي هٽائي رهيا آهيون، اهو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن آڻي رهيا آهيو.نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پنڊي ايڪسپريس جو چوڻ هو ته اسان اڃان موئا ناهيون،رڳو راند هارائي آهي،جيڪڏهن ٽيم ۽ پي سي بي کي سُٺي نموني سان هلايو ويو ته ٺيڪ، نه ته هڪ ڏينهن مري به وينداسين،هن چيو ته رڳو ٽيم ناهي هارايو پاڪستاني قوم ورلڊ ڪپ ۾ هارائي وئي آهي.شعيب اختر جو چوڻ هو ته هتي مسئلو اهو آهي ته هر ڀيري انهن ماڻهن کي آندو وڃي ٿو جن کي رڳو اها پريشاني هوندي آهي ته ٿا اسان جا 5 لک رپين جي پگهار بچي،پي سي بي اهڙن ماڻهن نه کڻي اچي جيڪي اهو سوچن ٿا ته جيڪڏهن نوڪري وئي هلي ته پوءِ گاڏي جو پيٽرول ڪير ڀرائي ڏيندو.003

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *