هيڪ سنڌ جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ڪراچي (اين اين آءِ) دهشتگردي روڪٿام واري خاص عدالت سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي پيٽرول واري وزير ڊاڪٽر عاصم حسين کي 90 ڏينهن جي لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي خميس تي سخت سيڪيورٽي ۾ دهشتگردي روڪٿام جي خاص عدالت نمبر 3 ۾ پيش ڪيو ويو ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري ڊاڪٽر زرين حسين ان جي ڌيءَ ڊاڪٽر ندا ۽ ان جو ڄاٽو به ان موقعي تي موجود هو. جڏهن ته انهن جي ملاقات نه ڪرائي ويئي رينجرز جي لا آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم ابتدائي تفتيش ۾ ملڪي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ واري گروهه جو انڪشاف ڪيو آهي ڊاڪٽر عاصم ٻڌايو ته ان جي ذريعي هڪ اهم شخصت ڪجهه بئنڪ اڪائونٽ غير ملڪي بئڪن ۾ کولرائڻ ۽ ان ۾ رقم منتقل ڪئي ويئي آهي ملزم کان وڌيڪ تفتيش اڃا باقي آهي تنهنڪري ملزم کي 90 ڏينهن جي لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏنو وڃي جنهن تي عدالت ان درخواست کي منظور ڪندي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏنو ويو ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردي جي مالي تعاون چائنا ڪٽنگ جا الزام آهن گذريل ڏينهن حساس اداري جي اهلڪار ڊاڪٽر عاصم حسين جي ڪلفٽن بلاڪ هڪ مان هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي آفيس کان ٻاهر حراست ۾ ورتو هو ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ اڳوني صدر آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين مان تصور ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *