هيرو جي گرل فرينڊ جي چوڻ تي فلمن مان ڪڍيو ويو: روينا ٽنڊن

ڪراچي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن پنهنجي وقت جي ڪامياب اداڪارائن مان هڪ هئي، پر ڪيتري ئي عرصي کان هن ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو.روينا ٽنڊن ٻڌايو ته ماضي ۾ مون کي ڄاڻي واڻي هڪ ٻن فلمن مان ڪڍيو ويو ڇو جو هيرو جي گرل فرينڊ جيڪا پاڻ به اداڪارا هئي، مون کي پسند نه ڪندي هئي هوءَ مون بابت غير محفوظ هئي.هن چيو ته هيرو جي گرل فرينڊ اداڪار کي منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻي اداڪارا کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب روينا ٽنڊن ٻڌايو ته اداڪار جي گرل فرينڊ ان کان پوءِ ان کي دوکو ڏنو ۽ پوءِ کيس ڇڏي هلي وئي.واضح رهي ته اداڪارا ماضي جھ ڄاڻايل هيرو ۽ ان جي گرل فرينڊ جو نالو نه ورتو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *