هن ڀيري حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي:عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي هن ڀيري ڌانڌلي ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، جيڪڏهن ڌانڌلي ڪئي وئي ته شريف ڀائرن کي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن ڀيري ڌانڌلي ڪئي وئي ته رستن تي اينداسين. هن چيو ته حڪومت ڌانڌلي جي پوري ڪوشش ڪندي، پر سچ عوام جي سامهون آڻينداسين. عمران خان چيو ته 2013 جي چونڊن ۾ سندن تياري نه هئي، نه ئي هنن وٽ ايجنٽ هئا، پر هاڻ ائين ناهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته ننڍي چونڊ ۾ وفاقي توڙي پنجاب حڪومت جا ادارا سندن خلاف آهن. هن چيو ته اين اي 122 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اسان مڪمل تياري ڪئي آهي. جڏهن ته نواز ليگ هڪ تڪ جي جلسي ۾ سموري پنجاب مان ماڻهو آندا آهن. هن واضح ڪيو ته اين اي 122 تي چونڊ کٽي ڏيکارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *