هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي: شاهد آفريدي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)اڳوڻي اسٽار  ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو ته بورڊ هاڻي ڪراچي سيمت ٻين شهرن جي طرف به اچي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي، هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي، ٽيم بيشڪ  ٻه ٽيسٽون هارايون آهن پر ٽيم مصباح الحق ۽ يونس خان  کان پوءِ جدوجھد ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي هن چيو ته هي اطلاع آهن ته سري لنڪن ٽيم ۽ پاڪستان ٽيم جي وچ ۾ آخري ٽي ٽونٽي لاهور ۾ کيڏيو ويندو جيڪو خوش آئند آهي.  پر هاڻي بورڊ کي ڪراچي، ملتان، ۽راولپنڊي جي طرف وڃڻ گھرجي ڇو ته اسانکي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي،شاهد آفريدي چيو ته ٽي ٽونٽي  جي اڻ سان ڪرڪيٽ تيز ۽ تبديل ٿي آهي  جڏهن ته 10 اوورن واري ڪرڪيٽ به بلڪل ٺيڪ آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ ان جو چوڻ هيو ته پاڪستان جي لاءَ جن جي خدمتون آهن انهن رانديگر ن کي فائدووٺڻ گھرجي. هن ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ سري لنڪا کان شڪست جي سوال  جي جواب ۾ چيو ته  هن وقت جيڪا ٽيم آهي اها سٺي آهي ۽ اهو بهترين ڪمبي نيشن آهي، مصباح الحق ۽ يونس خان جي نه هجڻ سان ضرور فرق  پيو آهي ۽  تسليم ڪيو ويو آهي، هي خوش آئند آهي ته ٻنهي رانديگر جي جڳهه تي جدوجھد ڪري رهيا آهن. شاهد آفريدي چيو ته تعليم سان معاشي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.  هو تعليم  ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.  پنجاب ۾ پهريون اسڪول شاهد آفريدي فائونڊيشن ورتو آهي. اسپورٽس ڪمپليڪس جي لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻول ڪندس،  ڪراچي ۾ ڳالهه هلي رهي آهي، وسيم اختر جيڪو واعدو ڪيو اميد آهي پورو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *