هن وقت به 1970ع واريون حالتون نظر اچي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم لاءِ هاڻي حڪومت ۾ جاءِ ناهي: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم لاءِ هاڻي حڪومت ۾ جاءِ ناهي، پر سهڪار جاري رکيو ويندو. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اسلام آباد جي برسات وانگر جهيڙا ٿيندا رهندا آهن. هن چيو ته عمران خان کي جذباتي نه ٿيڻ گهرجي، سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته هن وقت به 1970ع واريون حالتون نظر اچي رهيون آهن جڏهن ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته معيشت جي تباهي سبب ملڪ ۾ ترقي نه ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *