هندو انتهاپسند بالي ووڊ خانن خلاف اُٿي پيا، سئنيمائن تي حملا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ تعليمي ادارن کان پوءِ هاڻي سئنيما گهر به انتها پسندن جو نشانو بڻيل آهن.آر ايس ايس جي غنڊن هڪ سئنيما تي حملو ڪيو ۽ چيو ته بالي ووڊ جون فلمون نه ڏسو ۽ خاص ڪري شاهه رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان جون فلمون نه ڏسو. رپورٽن مطابق حملي وقت سئنيما ۾ ڪشمير بابت هڪ فلم جي نمائش ٿي رهي هئي، جنهن تي آر ايس ايس جا غنڊا سئنيما ۾ بيٺا هئا. فلم ڏسڻ لاءِ آيل عورتون انتهاپسند نعرن جي گونج تي حيران ٿي ويون ۽ ٻار خوفزده ٿي ويا. واضح رهي ته ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي تعليمي ادارن ۾ حجاب تي پابندي بابت هاءِ ڪورٽ به فيصلو ڏنو آهي. ڪرناٽڪ هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ حجاب تي پابندي کي برقرار رکندي عدالت چيو ته حجاب پائڻ اسلامي عقيدي جو لازمي مذهبي عمل ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *