هميشه ڪوشش رهي آهي ته هن ملڪ جو قانون ۽ جمهوريت قائم رهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم گڏ آهي، آئين ۾ ترميمون دهشتگردن خلاف آهن ڪنهن سياسي يا مذهبي پارٽي خلاف نه، قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ پارليامينٽ جي اهميت پوري ملڪ ۾ محسوس ڪئي پئي وڃي ڇو ته پارليامينٽ ڪنهن  به ملڪ جي عوام جي سوچ جي عڪاسي ڪندي آهي، اسان جي ڪوشش رهي آهي ته هن ملڪ جو قانون ۽ جمهوريت قائم رهي، ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه بحث هيٺ رهي ته جيڪو طبقو اسان جي دين جي حڪمن جو غلط استعمال ڪندي ماڻهن کي گمراهه ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن هي ملڪ ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جو شڪار آهي اسان پنهنجي سموري زندگي ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي عوام جي زندگي جو تحفظ افضل آهي، حڪومت جي ذميواري آهي هت هو عوام کي تحفظ فراهم  ڪري، هن ملڪ ۾ اسلامي تعليم سان مقابلي ۾ ڪوبه قانون منظور نٿو ٿي سگهي اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي پر اسان ڏٺو ته انسانن کي ان طرح قتل ڪيو پيو وڃي جنهن طرح جانورن جو رت به نه وهايو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *