هميشه بهتر کان بهتر راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: احمد شهزاد

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ بيٽسمين احمد شهزاد چيو آهي ته مان هميشه بهتر کان بهتر پرفارمنس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. احمد شهزاد چيو ته ميچ ڪهڙا به هجن ڪلب جا هجن يا ڊوميسٽڪ، مان هميشه  دل سان کيڏندو آهيان. نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرس ڪندي هن چيو ته سليڪٽرز تي آهي ته هو مون کي چونڊ ڪن ٿا يا نه. منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي فٽنس ۽ راند تي آهي. آسٽريليا ۾ کيڏڻ آسان ناهي هوندو. هڪ سيزن جي پرفارمنس تي ڪنهن کي چونڊ ڪرڻ مناسب ناهي. جنهن کان پوءِ فاست بالر عمر گل  پنهنجي خيالن جو اطهار ڪندي چيو ته پي سي بي طرفان مينٽور رانديگر جي آفر ٿي هئي مان هڪ کان ٻن سالن تائين پنهنجي ڪرڪيٽ انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿو.مون کي خبر ناهي ته اين سي اي ۾ ڪيئن ڪم ٿي رهيو آهي. وسيم اڪرم جيڪو چيو هو ان ڪجهه ڏسي ئي چيو هوندو. قومي ٽيم ۾ هن وقت نوجوان رانديگر شامل آهن. آسٽريليا ۾ بال بائونس ٿيندو آهي اسان جي رانديگرن کي فٽ ورڪ جو مسئلو آهي. رانديگرن جي بيڪ فٽ موومينٽ گهٽ آهي. بالرن جي به لائن لينٿ جو مسئلو آهي مون کي نٿو لڳي ته سريلنڪا جي خلاف کيڏڻ جي خواهش پوري ٿيندي.دل ته سڀني جو چوندو آهي پر ائين ممڪن نه پيو لڳي. آسٽريليا جو دورو مشڪل آهي. سرلينڪا جي خلاف به نوجوان بالرن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. فاسٽ بالر عثمان خان شنواري  چيو ته ياسر شاهه بهترين اننگز کيڏي. ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ جڏهن به فون ايندو مان تيار آهيان.قائداعظم ٽرافي اسان جي درسگاهه آهي هتان ئي اسان سکندا آهيون. آسٽريليا جي خلاف اسان جي بالنگ جيڪڏهن لائن تي ٿي ته نتيجو ڪجهه مختلف هوندو. محمد عباس بهترين بالر آهي. کيس به پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *