هميشه آمرن کي منهن ڏنو ۽ ڏيندا رهنداسين، ڊڄڻ وارا ناهيون: پيپلزپارٽي

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته پ پ هميشه آمرن کي منهن ڏنو آهي ۽ ڏيندي رهندي اسين ڊڄڻ وارا ناهيون، جڏهن ته قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري جي بيان تي جيڪو طوفان پيدا ڪيو ويو آهي اُن جو ڪوبه وجود ئي ناهي. اسلام آباد ۾ افطار ڊنر کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان جو چوڻ هوته فوج هڪ مهذب ادارو آهي، پيپلزپارٽي ۽ اتحادين آپريسن ضرب عضب کي ساراهيو آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي جنرل راحيل شريف جي ڪردار کي ساراهيو آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري جو بيان گذريل آمرن ڏانهن هو، پيلزپارٽي آمرن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ ڪندي رهندياسين ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. شيري رحمان جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به ڪرپشن جو دفاع نه ڪيو ۽ نه ڪندي، هن وقت ملڪ ۾ دشمن قوتون متحرڪ آهن، دهشتگردي خلاف اسين سڀني کان پهرين صف ۾ بيٺل آهيون، اسانجي قيادت شهادتون ڏنيون ۽ اسين پنهنجي فوج جو به ساٿ ڏيندا رهيا آهيون. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي جلدي عملدرامد ٿيڻ گهرجي، ايڪشن پلان کي اڳتي کڻي وڃڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، اسين ضرور چاهينداسين ته ايڪشن پلان منطقي انجام تائين پهچي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ٿئي جنهن لاءِ چاهي جيڪي به قربانيون ڏيڻيون پون ڏينداسين. انهيءَ موقعي پيپلزپارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته آصف زرداري جي بيان تي جيڪو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي اُن جو ڪوبه حقيقي وجود ئي ناهي، ليڊر بيان ڏيڻ وقت پڇندا ناهن، آصف زرداري جيڪو بيان ڏنو اُن جي سڄي حمايت جي حمايت حاصل آهي. بيان تي ڪنهن کي به ڪو اعتراف ناهي پر ڪجهه پارتين پاران ميڊيا تي واوالي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سمورين سياسي قوتن ۽ رياستي ادارن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي ۽ سڀني به اتفاق راءِ اُهو چيو آهي ته آصف زرداري کي پنهنجي مفاهمتي رويو جاري رکڻ گهرجي ڇو ته اُها پ پ جي پاليسي آهي. قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته آصف زرداري جو بيان هڪ خاص توازن ۾ آهي اُن کي ڪنهن به بيان واپس وٺڻ لاءِ ناهي چيو. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ به ڪوبه ادارو ڪنهن وقت حدن مان نڪري ويندو آهي ته اُن کي بهتر ڪرڻو پوندو جڏهن ته رينجرز پنهنجي مينڊيٽ ۾ رکي ڪم ڪري ڇو ته پيپلزپارتي جي حڪومت ئي اُن کي صوبي ۾ گهرايو ۽ تعاون ڪيو. ان کان اڳ ۾  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دعوت تي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪري موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي، ذريعن موجب پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين ڪراچي جو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ تي اتفاق پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته چوڌري شجاعت حسين، پ پ جي شريڪ چيئرمين کي صلاح ڏني آهي ته فوج خلاف ڏنل بيان واپس ورتو وڃي. آصف علي زرداري پاران مختلف سياسي اڳواڻن جي مان ۾ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جي افطار ڊنر ۾ ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ،متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، اي اين پي جي ميان افتخار حسين، افراسياب خٽڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پاران دعوت ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي وئي. ذريعن موجب افطار ڊنر جي موقعي تي آصف علي زرداري مختلف سياسي اڳواڻن سان ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، ڪراچي آپريشن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ان موقعي تي سياسي اڳواڻن ڪراچي جي موجوده صورتحال تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿارڻ تي اتفاق ڪندي پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ملاقات دوران ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، آصف علي زرداري کي صلاح ڏني ته فوج خلاف ڏنل بيان واپس وٺي، ڇاڪاڻ ته آرمي خلاف اهڙي ڳالهه مناسب ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *