هفتي اندر گٽرن کي ڍڪڻ لڳايا ويندا: سيد قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير پاران ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو، سيوريج لائينن جي مرمتي ڪمن جو جائزو ورتو، جڏهن ته سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هفتي اندر شهر اندر کـُليل گٽرن کي ڍڪڻ لڳايا ويندا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد ملت روڊ، ڪراچي يونيورسٽي روڊ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. وڏي وزير شهر جي مختلف علائقن ۾ مرمت ٿيندڙ سيوريج لائينن جو جائزو پڻ ورتو. شهر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هڪ هفتي دوران سمورن کليل گٽرن کي ڍڪڻ لڳايا ويندا. هن چيو ته واٽر بورڊ جا عملدار جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *