هفتي اندر ڪڻڪ جو باردانو آبادگارن کي ملي ويندي: وڏي وزير جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي تائين ڪڻڪ جو بارداڻو هر آبادگار کي ملي ويندو، آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪڻڪ جو اگهه وڌايو، آبادگارن ۽ هارين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبي جي هر اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڌار يونٽ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ ساليانو هڪ ارب رپيا رکيا ويندا. وڏي وزير چيو ته لکين رپيا خرچ ڪري هيپاٽائيٽس جي مريضن جو ڀارت مان علاج ڪرايو. هن چيو ته گهـُرج نه هوندي به ڪڻڪ جي قيمت ۾ 50 رپيا في مڻ اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ٿئي، جڏهن ته گذريل سال 12 لک ٽن ڪڻڪ محفوظ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته آبادگارن ۽ هارين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جڏهن ته آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪڻڪ جو اگهه وڌايو آهي. قائم علي شاهه چيو ته ڪمند جي آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ اڍائي ارب وڌيڪ ڏنا آهن ، جڏهن ته سهولتون ڏيڻ واري ڳالهه مخالف ڌر کي نه پئي وڻي، جنهن ڪري گوڙ ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي رڳو گوڙ ڪرڻ ايندو آهي، کيس رولز نه سيکاريا وڃن، ڇاڪاڻ ته هــُنن پاڻ رولز ٺاهيا آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن، ايوان ۾ گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي پڻ ڪندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *