هر پاڪستاني حاجي خيريت سان گهر نه پهچڻ تائين حڪومت سک سان نه ويهندي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سنيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته هر پاڪستاني حاجي جي خيريت سان گهر نه پهچڻ تائين حڪومت سک سان نه ويهندي، وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت، پاڪستاني سفارتخاني کي سمورن حاجي سڳورن بابت معلوم ٿي وڃڻ تائين سعودي عرب ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيستائين هر هڪ پاڪستاني حاجي خيريت سان پنهنجي گهر نه پهچندو حڪومت ان وقت تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته 135 حاجي سڳورن جي خبر پئجي وئي آهي جڏهن ته ٻين بابت جلد خبر پئجي ويندي. هن چيو ته حادثن ۾ ڪيترن ئي حاجين جو موبائل فون وڃائجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي جي پنهنجن مٽن مائٽن وٽ منتقل ٿيڻ سبب ڳولائي ۾ ڏکيائي پيش آئي. وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت ۽سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن حاجي سڳورن بابت معلومات ٿي وڃڻ تائين سعودي عرب ۾ ئي ترسن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *