هر ماڻهو وٽ دشمن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي ڪنجي موجود آهي: نرگس فخري

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري چيو آهي ته کيس پڪ آهي ته هر ماڻهو وٽ پنهنجي دشمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪنجي موجود آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ نرگس فخري چيو ته ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ ۽ ڳالهائڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي.نرگس فخري هالي ووڊ فلم اسپائي جي شوٽنگ لاءِ جي تياري ڪري رهي آهي، سندس چوڻ هو ته ماڻهو توهان سان ان ئي نموني پيش ايندا، جنهن جو توهان کين موقعو ڏيندا، تنهن ڪري هر ماڻهو کي پاڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالهه صحيح يا مناسب ناهي ته ان لاءِ ڳالهائڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *