هر سين تي فرح ۽ گوري جا خيال حساس ۽ منفرد نوعيت جا هوندا آهن: شاهه رخ خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان چيو آهي ته مون ڪجهه عورت هدايتڪارن سان ڪم ڪيو پر فرح خان ۽ گوري شندي سان ڪم ڪرڻ تمام گهڻو مزو آيو ڇو جو جيڪڏهن ڪو سين جذباتي يا ڪاميڊي آهي ته ان سين تي ٻنهي جا خيال حساس ۽ منفرد نوعيت جا هوندا آهن. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڪنگ خان شاهه رخ عورت هدايتڪارن سان ڪم ڪرڻ جي حوالي سان چيو آهي ته مونکي هميشه کان اهو يقين رهيو آهي ته عورتون وڌيڪ محنتي ۽ فرض شناس هونديون آهن ۽ انهن سان ڪم ڪري منهنجو ڪم آسان ٿي ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *