هر دور ۾ پيپلزپارٽي ئي ملڪ کي مشڪلات مان ڪڍيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر دور ۾ پيپلزپارٽي ئي ملڪ کي مشڪلات مان ڪڍيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان مشڪل ۾ آهي ۽ اسان جي ذميواري اهي ته عوام کي مشڪلات کان نجات ڏيارينداسين اهڙن خيالن جوا ظهار هن لاهوري محله ۾ پارٽي جي سٽي تنظيم جي سينيئر نائب صدر سرفراز کوکر جي رهائشگاهه تي يو سي صدر جليل احمد ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري گداحسين سومرو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو اجلاس ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر جميل سومرو، خورشيد احمد جوڻيجو، سيد سردار شاهه، ضياءعباس شاهه، گهنور خان اسراڻ، نصيبه چنو، اعجاز لغاري، خيرمحمد شيخ، جاويد ناياب لغاري، عمران جتوئي، وقار ڀٽو، آفتاب ڀٽو، سرفراز کوکر، شبير احمد لغاري، محمد نواز شيخ، مٺل سومرو، منظور علي سومرو، علي حسن ميراڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا بلاول ڀٽو زرداري عطا محمد ميمڻ سان سندس ڀاءُ فياض ميمڻ ۽ جليل احمد ميمڻ سان سندس مائٽ غلام رسول ميمڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي پارٽي چيئرمين پنهنجي چونڊ تڪ جا مسئلا ٻڌا حل لاءِ هدايتون ڏنيون بلاول ڀٽوز رداري پارٽي ڪارڪنن کي چيو ته اوهان ڀٽو شهيد جا پاڙيسري آهيو اوهان منهنجا سفير آهيو اوهان منهنجي طاقت آيو منهنجي لاءِ هي قيمتون گهڙيون آهن جو انهن ئي گهٽين ۾ گهمي رهيو آهي جتي ڀٽو شهيد، مادر جمهوريت ۽ بي بي شهيد ايندا هئا. منهنجو اوهان وٽ اچڻ اصل ۾ نسلن سان وفا جي انهي حصي جو هڪ تسلسل آهي هن چيو ته هر دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍيو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي غريب عوام کي آواز ڏنو، مزدورن ۽ هارين کي حق ڏنا اڄ ملڪ ۾ مهانگائي بيروزگاري ۽ غربت چوٽ تي آهي اڄ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان تي ڏکيائي ڏينهن آيل آهن ۽ اسان جي ذميواري آهي ته عوام کي تڪليفن کان نجات ڏياريون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *