هريتڪ روشن اداڪار ڪنگنا رناوت جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ جي ايڪشن هيرو هريتڪ ر وشن اداڪارا ڪنگنا رناوت جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽ موجب پهريون دفعو ريتڪ روشن پاران ڪنگنا رناوت جي خلاف داخل ڪيل قانوني ڪيس جي تفيصيل سامهون اچي وئي، جنهن ۾ هن اداڪارا پاران بليڪ ميلنگ جي شڪايت ڪئي آهي، ريتڪ روشن پاران قانوندان مهيش ڪنگنا رناوت جي خلاف ممبئي پوليس جي ڪرائيم برانچ کاتي ۾ 29 صفحن تي ٻڌل درخواست سان گڏ ڪيس داخل ڪرايو.، ريتڪ روشن جي قانوني ٽيم پاران ممبئي پوليس جي سائبر ڪرائيم سيل ۾ هلندڙ سال 8 آپريل تي ڪنگنا رناوت جي خلاف درخواست ڏني وئي جڏهن ته ان جي تفصيل هاڻي سامهون اچي وئي ، ريتڪ روشن پاران داخل ڪيل ڪيس جي تفصيلن جون ڪاپيون حاصل ڪري ورتيون جنهن ۾ اداڪار جي قانوني ٽيم کان ڪنگنا رناوت تي ڪيترائي الزام مڙهيا ويا آهن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ريتڪ روشن کي ڪنگنا پاران  غلط اي ميل موڪلي وئي هئي. اداڪار کي بليڪ ميل ۽ پريشان ڪيو ويو. ڪنگنا اداڪار کي پنهنجو عبدي پريمي  مڃيدي هئي، ٻنهي اداڪارائن جي وچ ۾ رابطن جي مڪمل ڪهاڻي به ٻڌائي جنهن موجب ريتڪ روشن  ۽ ڪنگنا جي وچ ۾ پهريون رابطو فلم ڪائيٽ جي سيٽ تي ٿيو جتان کان انهن جي  وچ ۾ لاڳاپا اڳتي وڌيا . درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنگنا ۽ ريتڪ روشن  هڪ ٻئي سان گڏ 2009 کان 2013 تائين جڙيل رهيا . جڏهن ته انهن جي جڙيل رهڻ کي پروفيشنل  لاڳاپن جو نالو ڏنيو ويو آهي جنهن بابت دليل ڏنا ويا آهن ته ان عرصي دوران ٻنهي جي وچ ۾ فلمن ۽ پروفيشنل سببن  تي لاڳاپا قائم رهيا . درخوست ۾ اعتراض ڪيو ويو ته ريتڪ روشن ڪنگنا کي پنهنجي والد ۽ ڀيڻ جي سالگرهه  پارٽي ۾ شرڪت جي لاءِ دعوت به ڏني. درخواست ۾ دعوا ڪئي وئي ته ان واقعي کانپوءِ ڪنگنا ريتڪ روشن کي اي ميل ڪرڻ شروع ڪيا جن ۾ غلط ۽ فهش اي ميل به شامل آهن. ڪنگنا ريتڪ  پاران داخل ڪيل ڪيس جا تفصيل  سامهون اچڻ کانپوءِ دعوا ڪئي آهي ته اهو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ريتڪ روشن جي قانوني ٽيم چيو ته ڪيس ختم نه ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *