هاڻ گهوٽ جي گهر وڃڻ لاءِ منهنجو وارو به اچي ويو آهي: بپاشا باسو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو جلد شادي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريندي چيو آهي ته هاڻ گهوٽ جي گهر وڃڻ لاءِ سندس وارو به اچي ويو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق بپاشا باسو اڄڪلهه اداڪار۽ ماڊل ڪرن سنگهه گروور سان گهري دوستي جي حوالي سان خبرن جي سونهن بڻيل آهي، هڪ انٽرويو ۾ بپاشا چيو ته هاڻ سندس شادي ڪرڻ جو وارو آهي، هن

ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه کي مڱڻي تي سماجي ويب سائٽ تي واڌايون ڏنيون، جنهن تي يووراج کيس جواب ڏنو ته هاڻ توهان جو وارو آهي، بپاشا جوابي ٽوئٽ ۾ چيو ته هاڻ منهنجي شادي جو وارو به اچڻ وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *