هاڻ ڪنهن سرڪاري عمارت ۾ باهه نه لڳندي، رڪارڊ نه سڙندو: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ وارن هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام هنيا ۽ پوءِ چُپ ٿي ويا، ڪرپشن تي ڪنهن جي به خاموشي نه رهندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد سعيد جو چوڻ هو ته وزيراعظم قرضن تي چيو اهو پئسو ڪٿي خرچ ڪيو ويو؟ 2015 ۾ جيڪو پراجيڪٽ ڏيڻو هو ان جو ايم او يو 2 سال اڳ ئي ٿي ويو هو، شاهد خاقان عباسي جو ڪيس به هلي رهيو آهي، ان جي حقيقت به سامهون آڻينداسين. هن چيو ته احسن اقبال جي ڀاءُ کي پنجاب هارٽي ڪلچر ٽاسڪ فورس جو چيئرمين بڻايو ويو، پ پ وارن پنهنجي تڪ لاڙڪاڻي جي روڊن کي به نه بخشيو، ڪانٽريڪٽس جي جاچ ڪئي وئي ته اهي به جعلي اڪائونٽن وارا نڪتا، هاڻ ڪنهن سرڪاري عمارت ۾ باهه نه لڳندي، رڪارڊ نه سڙندو. سندس چوڻ هو ته جاتي امرا جي فينسنگ تي 36 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، عجيب حڪمران هئا، جن پنهنجي علاج جو خرچ به عوام کان وصول ڪيو.  ٻئي طرف وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته جج جي مبينا ويڊيو جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. اسلام آباد ۾ موصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته جيڪي اڄ ڀيڻ ڀاءُ بڻجي رهيا آهن اهي 90 جي ڏهاڪي ۾ هڪ ٻئي کي جيلن ۾ وجهندا رهيا، جن حالتن مان گذري رهيا آهن ان پٺيان سندن ئي ڪارناما آهن، ماضي جي غلطين کي ٺيڪ ڪرڻ تائين اڳتي نٿا وڌي سگهون، ماضي کي اڳيان رکي سمجهڻ گهرجي ته ڪهڙي قسم جون سازشون ڪيون پيون وڃن. شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته عدالت ۾ ڪو به جواب نه ڏنو ويو ۽ هاڻ بي گناهي جا نعرا هنيا پيا وڃن، ڏوهاري کي پڪڙڻ ۽ کين سزا ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ملڪ کي لٽيندڙ چورن جو احتساب ٿيندو، ايندڙ ڏينهن ۾ سندن وڏيون وڏيون چوريون سامهون آڻينداسين، ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جا ثبوت به کڻي اينداسين. وزيراعظم جي خاص مددگار جو چوڻ آهي ته نواز شريف چوي ٿو ته آئون ان شخص تي اعتبار ناهيان ڪندو جنهن کي خريد نه ڪيو هجي. احتساب عدالت جي جج جي مبينا ويڊيو بابت شهزاد اڪبر چيو ته جج جي مبينا ويڊيو جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، جج خلاف ويڊيو ان پيش ڪئي جيڪو جعلسازي ۾ سزا يافته آهي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي ويڊيو معاملي تي پاڻ جاچ ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *