هاڻ سڀ نواز شريف کي ڪوڙو چئي رهيا آهن، عمران خان جو ايندڙ جمعي تي اسلام آباد ۾احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ايندڙ جمعي تي اسلام آباد ۾ جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن کي گڏ ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي نيب جي ڪارڪردگي سڀني جي اڳيان آهي هي ادارو نواز شريف جي وزيراعظم هوندي ڪيئن جاچ ڪندو جي آءِ ٽي جي معاملي تي هاڻي اسان مشورو ڪنداسين، جج نواز شريف کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ليگي ڪارڪن مٺايون ڪهڙي ڳالهه تي ورهائي رهيا آهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم تي تاريخي ريمارڪس ڏنا جنهن ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو فيصلو اچي ها ته حڪمران پارٽي پاڻ وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺي ها. ن ليگ ڪهڙي منهن سان عوام جي اڳيان ايندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ججن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جو چيو آهي ٻن ججن چيو ته وزيراعظم سچو ناهي عمران خان موجب سپريم ڪورٽ چيو آهي ته الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي پر نواز شريف جو عهدي تي هوندي ادارا ڪهڙي طرح جاچ ڪندا جيڪڏهن ادارن کي جاچ ڪرڻي هجي ها ته هن وقت تائين ٿي چڪي هجي ها. هن چيو ته وزيراعظم اخلاقي طاقت سان حڪومت ڪري ٿو ڊيوڊ ڪيمرون بنيادي طور تي عهدي تان استعيفيٰ ڏني اسان سمورن اپوزيشن کي گڏجي هلڻ جي دعوت ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *