هاڻي مارشل لا جو زمانو نه آهي، جيڪڏهن لڳي ته حمايت ڪندس: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف چيو ته هاڻي مارشل لا جو دور نه آهي جيڪڏهن جنرل راحيل شريف مارشل لا لڳايو ته ان جي حمايت ڪندس موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽس حڪومت قائم ڪئي وڃي ڌانڌلي روڪڻ لاءِ فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن پارليماني نظام حڪومت پاڪستان لاءِ مناسب نه آهي مان پاڪستان ۾ اطمينان سان ويٺو آهيان جنهن آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائڻو آهي هلائي اسامه بن لادن کي پاڪستان مان هٿ اچڻ تي مون کي شرمساري ٿي آهي خانگي ٽي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز مشرف چيو ته ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي عمران خان ٺيڪ ۽ سچ چوي ٿو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري ڌانڌلي ۾ ملوث هو. چونڊ نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ان لاءِ ملڪ ۾ آئيني ترميمون ڪرڻ گهرجن ۽ چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿيڻ گهرجن ڇو ته جڏهن به فوج چونڊون ڪرايون آهن ان تي ڪنهن اعتراض ناهي ڪيو هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي 3 کان 4 دفعا حڪومت ملي پر انهن ملڪ جو ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي هي سڀني آڏو آهي هن وقت نئين چوندن بدران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪئي وڇي جيڪا ملڪ ۾ سڌارا آڻي ۽ ان لاءِ هڪ ٽائيم فريم ڏنو وڃي جيڪو ٻن سالن کان وٺي پنجن سالن تائين ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *