هالي ووڊ ۾ ڳايل گانو اڄ به ياد ايندو آهي : پريانڪا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا مائيڪ تي ڳائڻ کان ڊڄڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. اداڪاره پريانڪا هڪ آمريڪي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هوءَ گهڻا گانا ڳائي چڪي آهيان ۽ اسٽيج تي ڊانس به ڪري سگهان ٿي پر مائيڪرو فون تي ڳائڻ کان ڊڄندي آهيان. هن چيو ته کيس مائيڪرو فون سامهون ڳائڻ ٽيلي پرامپٽر تان پڙهڻ جيان لڳندو آهي. اداڪاره جو چوڻ هو ته هوءَ مائيڪ تي سٺو نه ڳائي سگهندي آهي پر فلمن ۾ ان کي سٺو ڏيکاريو ويندو آهي. پريانڪا چوپڙا ٻڌايو ته هن هاليووڊ فلم “ازنٽ اِٽ رومانٽڪ” ۾ گانو تمام سٺي انداز ۾ ڳايو هو. اداڪاره هينئر باليووڊ سان سائن ڪيل پنهنجا پروگرام مڪمل ڪرڻ ۾ رڌل آهي، ان بعد هوءَ پنهنجي ور نڪ جونس سان گڏ آمريڪا منتقل ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *