هالي ووڊ جي فلم واريئر جي ري ميڪ برادرس ڪليش آف فائيٽرز کي 14 آگسٽ تي رليز ڪيو پيو وڃي

ممبئي (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي فلم واريئر جي ري ميڪ برادرس ڪليش آف فائيٽرز کي 14 آگسٽ تي رليز ڪيو پيو وڃي، فلم جي پروموشن لاءِ هڪ تقريب ڀارتي شهر ممبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ اداڪار اڪشي ڪمار ۽ سڌارٿ ملهوترا سميت فلم جي ٻي ڪاسٽ شرڪت ڪئي.بالي ووڊ فلم برادرس ۾ اڪشي ڪمار ۽ سڌارٿ ملهوترا کي اينيميشن واري مَوڊ ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته فلم موبائيل گيمز تي ٻڌل آهي. اڪشي ڪمار جو چوڻ آهي ته آئوٽ ڊور رانديون جيئن جسماني صحت لاءِ ضروري هونديون آهن، تيئن آن لائين گيمز ذهني آسودگي لاءِ مفيد ٽوٽڪو آهن. فلم ۾ اڪشي ڪمار ۽ اداڪاره جيڪولين فرنينڊز مک ڪردار ادا ڪيا آهن، جڏهن ته اها فلم هالي ووڊ جي 2011 واري سپر هٽ فلم واريئرز جو ري ميڪ آهي. فلم مڪس مارشل آرٽ تي ٻڌل آهي، فلم کي پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن يعني 14 آگسٽ تي رليز ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *