هالا لڳ ڳوٺ کي باهه 3 معصوم ٻار سڙي فوت، لاش سڃاڻپ کان ٻاهر

هالا(رپورٽر) هالا جي ڳوٺ اڇي مسجد ڀرسان هاري جي ڪکاون گهرن کي باهه لڳڻ سبب ٻن مهينن جو معصوم نينگر ۽ ٻه معصوم نياڻيون سڙي فوت، ڦٽين جي چونڊي تي ويل سندس گهر ڀاتين جي غير موجودگي ۾ لڳل باهه ڪکاون گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، لاش سڃاڻپ کان ٻاهر.خبر موجب هالا ڀرسان ڳوٺ اڇي مسجد وٽ واقع مقامي زميندار عبدالڪريم کوسي جي زرعي زمين ۾ هارپي جي لاءِ ڪکاوان گهر ٺاهي ويٺل هاري ڏاڏو خاصخيلي جي گهر جي لوڙهي کي اچانڪ باهه لڳڻ سبب جهوپڙي ۾ ويٺل سندس ٽن ٻارڙن جنهن ۾ ٻن مهينن جي کيرپياڪ نينگرڪانڊيرو، ٽن سالن نياڻي حاڪم زادي  ۽ پنجن سالن جي ثمينه سڙي فوت ٿي ويا، واقعي بابت تفصيل ٻڌايئندي معصوم ٻارڙن جي پيءُ ڏاڏي خاصخيلي ٻڌايو ته ٻارڙن جي ماءُ ڀر واري زرعي زمين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪري رهي هئي جڏهن ته آئون زمين ۾ ڪم ڪار ڪري رهيو هوس ته اچانڪ گهر جي لوڙهي کي باهه لڳڻ سبب سموري ڪکائين گهر کي باهه وڪوڙي وئي اسان جي پهچڻ کان اڳ سمورو گهر سڙي رک ٿي ويو جنهن ۾ منهنجا ٽئي ٻار سڙي فوت ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *