هاشم آملا قومي ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهريون ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين بڻجي ويو

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) مشهور بيٽسمين هاشم آملا کي ڏکڻ آفريڪن حڪومت طرفان شاندار ڪارڪردگي تي آرڊر آف ايڪامانگا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.ڏکڻ آفريڪا جي مسلمان ڪرڪيٽر هاشم آملا کي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ڏکڻ آفريڪي حڪومت طرفان قومي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.هو آرڊر آف ايڪامانگا ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهريون پروٽيز بيٽسمين آهي، ان کان اڳ فاسٽ بالر شان پولڪ ۽ مکايا نتيني کي به اهو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.اهو ايوارڊ ڏکڻ آفريڪا جي وڏي قومي ايوارڊ مان هڪ آهي جيڪو آرٽس، ڪلچر، ادب، موسيقي، صحافت ۽ اسپورٽس ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ خدمتن تي ڏنو ويندو آهي.آملا ڏکڻ آفريڪا طرفان 117 ٽيسٽ، 164 ون ڊي ۽ 43 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز کيڏيون آهن ۽ مجموعي طور تي 17794 رنسون اسڪور ڪيون آهن، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان ٽرپل سينچري ٺاهيندڙ واحد بيٽسمين پڻ آهي، هن انگلينڊ خلاف اوول ۾ 311 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *