هارون رشيد ميڊيا جي دٻاءَ تي ڪيترن ئي رانديگرن جي بار بار چونڊ ڪندو هو: وقار يونس

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس جي ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شڪست بابت مڪمل رپورٽ منظرعام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ ٽيم جي چونڊ بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق وقار يونس پنهنجي رپورٽ ۾ الزام مڙهيو آهي ته چيف سليڪٽر هارون رشيد ٽيم جي چونڊ ۾ پنهنجي مرضي هلائيندو هو ۽ هيڊ ڪوچ توڙي ڪپتان کي اهميت نه ڏيندو هو، هن چيو ته چيف سليڪٽر ميڊيا جي دٻاءَ تي ڪيترن ئي رانديگرن جي بار بار چونڊ ڪندو هو، وقار يونس پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته هن هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ ٽيم جي بهتري لاءِ اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شا منل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ان جي مخالفت ڪئي، اڳوڻي هيڊ ڪوچ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ خرب ڪارڪردگي تي احمد شهزاد کي ٽيم مان نيڪالي ڏيڻ وارو فيصلو صحيح هو پر کيس ٻيهر کيڏائڻ جو فيصلو غلط هو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *