هارس ٽريڊنگ جو رستو روڪڻ لاءِ 22 هين ترميم آڻي رهيا آهيون: نواز شريف

لاهور: وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ جو رستو روڪڻ لاءِ 22 هين ترميم آڻي رهيا آهيون، جمهوريت جي استحڪام لاءِ هر ڪنهن سان ملنداسين، وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير وچ ۾ رائيونڊ ۾جاتي امرا ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ اهم ملڪي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات ۾ سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان جاري صورتحال تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته سياست ۾ ڪرپشن جو رستو هميشه لاءِ بند ڪرڻ چاهيون ٿا جمهوريت جي استحڪام ۾ ئي ملڪ جي فلاح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *