ن ليگ ۾ ڌڙا ٿي ويا آهن، شهباز شريف حڪومت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهي ٿو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ ۾ ڌڙا ٿي ويا آهن، شهباز شريف حڪومت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته 2014 ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي ۾ به جڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته قانون حرڪت ۾ آيو هو، هاڻ به قانون حرڪت ۾ ايندو، هن چيو ته حڪومت ڪنهن به ڪرپشن واري ماڻهو کي سهارو نه ڏيندي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 27 آڪٽومبر ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ستحصال جي خلاف هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، جڏهن ته مولانا ان ڏينهن تي قوم کي ڪٺو ڪرڻ بدران ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *