ن ليگ ڪنهن به حد تائين ڪِري سگهي ٿي، اها ضميرن جي سوداگر آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻ عائشا گلالئي جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته الزامن جي سياست ڪرڻ ن ليگ جو ڪم آهي، مستقبل ۾ به اهڙا ڪردار ڪشي جا حملا ناڪام ٿيندا، ن ليگ سياسي، اخلاقي ۽ قانوني طور ختم ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي مشاورتي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ عائشا گلالئي طرفان عمران خان ۽ سندس ويجهن ساٿين تي لڳايل الزامن جو جائزو قانوني ٽيم جي موجودگي ۾ ورتو ويو ۽ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، نعيم الحق، شفقت محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عمران خان جو چوڻ هو ته ن ليگ اربين ڊالر ضبط ٿيڻ جي خوف سبب ڪنهن به حد تائين ڪِري سگهي ٿي، اها ضميرن جي سوداگر آهي، هنن شهيد بينظير ڀٽو بابت به گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ هاڻ اهو سلسلو اسان تائين پهتو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي عورتن ن ليگ جو مڪروهه چهرو بي نقاب ڪيو، جنهن تي فخر ڪيون ٿا، اسان جون عورتون بااختيار ۽ احترام جي لائق آهن.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *