ن ليگ کي پ پ بچايو، هاڻي ڌانڌلي ٿي ته حڪومت بچي نه سگهندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نون ليگ کي پيپلز پارٽي بچايو هو، جيڪڏهن هاڻي ڌانڌلي ٿي ته حڪومت نه بچي سگهندي ۽ نتيجا آر اوز کي ڀوڳڻا پوندا. گلگت بلتستان جي شهر استور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته جعلي بيلٽ پيپرز ۽ بوگس ووٽن جي منصوبابندي جا اطلاع مليا آهن. هن چيو ته نون ليگ کي پيپلز پارٽي بچايو هو، جيڪڏهن هاڻي ساڳئي روايت برقرار رکي وئي حڪومت کي ڪير به بچائي نه سگهندو. خورشيد شاهه پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي ڳالهائيندي چيو ته راهداري منصوبي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ڳالهين جي شروعات ڪئي هئي، سياسي پارٽين جو اجلاس سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي جو چئني صوبن کي فائدو ملڻ گهرجي، وفاقي حڪومت روٽ بابت نثر ناثي ڪري. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ جا وڌيڪ پيسا گلگلت ۾ خرچ ٿيا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي گلگلت بلتستان کي سيٽ اپ ۽ نالو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *