ن ليگ پاران ايم ٽي آءِ آرڊيننس 2019 سرڪاري اسپتالن تي حملو قرار

اسلام آباد (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنجاب جي سرڪاري اسپتالن جي ايم تي آءِ آرڊيننس 2019 جي ٽوئٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته عمران صاحب ايم ٽي آءِ آرڊيننس 2019 سرڪاري اسپتالن تي حملو آهي جنهن بابت اوهان کي ٽي وي ذريعي خبر پوندي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايم ٽي آءِ آرڊيننس 2019 سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن کان پئسا وٺڻ جو آرڊيننس آهي هن چيو ته ايم ٽي آءِ آرڊيننس 2019 اچڻ کان پوءِ سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن لاءِ مفت ٽيسٽ ۽ دوا ۽ علاج ختم ترجمان ٻڌايو ته عمران صاحب اوهان کي سڀاڻي ٻيهر ٽي وي مان خبر پوندي تي ايم ٽي آءِ آرڊيننس غريب ماڻهن سان ظلم آهي ترجمان مطابق عمران صاحب خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ هڪ بهتري ڏيکاريو جيڪا پنجن سالن ۾ آئي هجي رڳو اوهان جي مٽن مائٽن ۽ دوستن کي نوڪري ملڻ کان سواءِ هن چيو ته عمران صاحب جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي اسپتالن جي حالت بهتر ٿي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2018 اليڪشن ڪئمپن ۾ پنجاب جون اسپتالون نه ڏيکاريون وڃن ها هن چيو ته پنجاب جي عوام کي مفت تيسٽ، علاج ۽ دوائون پهريان ئي کسي ورتيون آهن عمران صاحب جي ذهني حالت ۽ غلطين تي سخت ڳڻتي آهي قومي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *