ن ليگ عوامي اميدن تي پورو لهندي، ڌرڻي وارا الزام هڻڻ ڇڏي ڏين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام جن اميدن سان چونڊ ۾ ن ليگ کي ووٽ ڏنا هئا، حڪومت انهن تمام اميدن کي پورو ڪندي، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڪئين قدم کنيا ويندا، احتجاجي سياست ملڪ کي هميشه نقصان ئي پهچايو آهي، ڌرڻي وارا الزام لڳائڻ ڇڏي ملڪي تعمير و ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، تمام وزارتن ۽ کاتن جي ڪارڪردگي جي لڳاتار مانيٽرنگ ٿيندي، ن ليگ جمهوري قدرن تي يقين رکي ٿي، اتحادين کي گڏ وٺي هلنداسين. هو جي يو آءِ (ف) سان تعلق رکندڙ هائونگ جي وفاقي وزير اڪرم دراني ۽ مملڪتي وزير عبدالغفور حيدري سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به ملاقات ۾ موجود هو. جي يو آءِ جي ٻنهي وزيرن پنهنجي وزارتن ۽ تڪن جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهايو. وزيراعظم چيو ته عوام جيفلاح بهبود ۽ کين هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام اسان کي وڏين اميدن سان چونڊيو هو اسان کين مايوس نه ڪنداسين ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي تمام اميدن تي پورو لهنداسين. هوڏانهن ذريعن موجب جي يو آءِ (ف) جي وزيرن وزيراعظم کي گهرو وزير جي رويي جي شڪايت ڪندي چيو ته هن مولانا فضل الرحمان تي ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي باوجود ان کي پهرين کان حاصل سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي ۽ اڃا تائين مولانا فضل الرحمان سان نه ئي ڪو رابطو ڪيو ۽ نه ئي مٿس ٿيل حملي جي مذمت ڪئي. وزيرن گهرو وزير جي حوالي سان پنهنجي تحفظات کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم کين پوري معاملي جو جائزو وٺڻ جي خاطري ڏياري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *