ن ليگ سرعام چئي رهي آهي ته عدالت جو فيصلو قبول ناهي، اهي بليڪ ميلر آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان جي پارٽي هڪ مافيا خلاف جنگ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي، پاناما ڪيس جي جدوجهد ۾ هڪ سال لڳو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽر شپ خلاف فيصلو آيو، اسان جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر تي چڙهياسين، هي ڇا جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي رهيا آهن؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ن ليگ سرعام چئي رهي آهي ته عدالت جو فيصلو قبول ناهي، اهي بليڪ ميلر آهن، وفاقي حڪومت به انهن جي، پنجاب حڪومت به انهن جي، اهي پوءِ به ڪنٽينر تي چڙهي رهيا آهن، اهي عدالت جو فيصلو نه مڃي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا؟ سندس چوڻ هو ته سڄي ن ليگ هڪ خاندان کي بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي، انهن تي ته آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته هاڻ معاملو چونڊن ڏانهن وڃي رهيو آهي، سڄي پارٽي کي چونڊن جي تياري ڪرائي رهيا آهيون، 13 آگسٽ تي پي ٽي آءِ شيخ رشيد سان گڏجي راولپنڊي ۾ وڏو جلسو ڪندي، 14 آگسٽ کان پارٽي ميمبر شپ شروع ڪنداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان نواز شريف کان وڌيڪ عوام گڏ ڪري ڏيکارينداسين، ماڊل ٽائون سانحي تي طاهر القادري جي حمايت ڪيون ٿا.27

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “ن ليگ سرعام چئي رهي آهي ته عدالت جو فيصلو قبول ناهي، اهي بليڪ ميلر آهن: عمران خان

  1. روزاني سرواڻ سنڌي پرنٽ ميڊيا م ھي اخبار صحافتي سفرم تمام ميعاري اخبار آھي فرنٽ جو مونوگرام بہ ڳاڙھو ھجڻ گھرجي تہ وڌيڪ بھت ٿي دو مھرباني اوھان جو عاجز سنجراڻي چوھڙجمالي 03123756867

Leave a Reply to عاجز سنجراڻي چوھڙجمالي Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *