ن ليگ جي حڪومت ۽ شريف خاندان جي حڪمراني جو خاتمو ضروري آهي: سراج الحق

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ قيادت مان ملڪ کي جاگرافيائي خطرو آهي، پاڪستان ۾ ايماندار قيادت جي ضرورت آهي، شريف خاندان پاڪستان جو نظريو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ن ليگ جي حڪومت ۽ ان خاندان جي حڪمراني جو خاتمو ضروري آهي. ڊي جي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ووٽ وٺي حڪمران بڻجڻ جو مطلب اهو ناهي ته مغل بادشاهه بڻجي وڃو، پاناما ڪيس ۾ هڪ قابو ۾ اچي ويو، باقي 436 چورن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب جو ڪو ضلعو خوشحال ناهي، پنجاب جي 65 سيڪڙو بجيٽ لاهور تي خرچ ٿي رهي آهي، پڙهيل لکيل نوجوان بي روزگاري سبب پريشان آهن. هن چيو ته منهنجي جنگ انهن جي خلاف آهي، جن عوام کي غربت جي اونداهه ۾ ڌڪيو آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *