ن ليگ جي حڪومت آخري پساهن ۾ آهي، پاناما ليڪس معاملي تي ميان صاحب کي جواب ڏيڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

باغ  (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت آخري پساهن ۾ آهي، ميان صاحب کي پاناما ليڪس معاملي تي جواب ڏيڻو پوندو، پنجاب جو وڏو وزير، هائوس جي ڇوٽو گينگ جو خاتمو ڪري ان جي لٽ مار کي ختم ڪرڻُو پوندو، سوڊان ۾ ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪشمير ۾ ڇو نٿو ٿي سگهي، علي حيدر گيلاني کي آزادي ملي آهي، انشاالله ڪشميرين کي به آزادي ڏيارينداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي هٿن تي گجرات جي مسلمانن جو خون آهي، مودي کي دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهشتگرد سمجهن ٿا ۽ کيس ويزا به نٿا ڏين، هن چيو ته ميان صاحب مودي کي دوست بڻايو، ميان صاحب پرڏيهي پاليسي جو حليو به بگاڙي ڇڏيو آهي، بلوچستان ۾ را جا ايجنٽ گرفتار ٿين ٿا ته نواز شريف ڪو به ايڪشن نٿو وٺي، عوام جي حمايت حاصل رهي ته عوام کي حڪمرانن مان نجات ڏيارينداسين، جلسي عام کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پنجاب حڪومت جي گڊ گورننس جا پول ڇوٽو گينگ کولي ڇڏيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير هائوس جي ڇوٽو گينگ جو خاتمو ڪري ۽ سندن لٽ مار کي ختم ڪرڻو پوندو، تخت رائيونڊ جي نالي وارين پاليسين سبب پاڪستان ۾ غربت وڌي رهي آهي، ميان صاحب منهنجو مطالبو مڃيو ۽ گهر هلايا وڃو، هن چيو ته سرڪس جي شير جي راند ختم ڪندس ڇاڪاڻ ته مان ان جو پٽ آهيان جنهن جي نالي چيو وڃي ٿو ته هو شيرن جو شڪاري زرداري، پاناما ليڪس تي اوهان جي ڪيمپ مان ايندڙ مختلف بيان ۽ هڪ کانپوءِ هڪ ڪوڙ اوهان جي ڪيس کي ڪمزور ڪري اوهان کي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اوهان عوام اڳيان جوابده آهي پر اوهان نه اسيمبلي ۾ اچو ٿا نه ئي وري اپوزيشن کي جواب ڏيو ٿا، نواز شريف منهنجو مطالبو مڃي ته هو گهر هليو وڃي، چيف منسٽر هائوس ۾ ويٺل ڇوٽو گينگ جو به خاتمو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ پنهنجي جاءِ تي آهي پر مان نيب ۽ ايف آءِ اي سيمت تمام ادارن کان سوال ڪريان ٿو ته اوهان حڪومت جي مخالفن خلاف ته فوري طور جاچ شروع ڪريو ٿا پر 5 سئو ارب رپين جا گردشي قرض اسحاق ڊار جي مني لانڊرنگ جي اقبالي بيان، ندي پور منصوبو، ايل اين جي اسڪينڊل جي جاچ ڪير ڪندو؟ نيب قومي احتساب بيورو آهي يا ن ليگ بيورو آهي، هن چيو ته اسان جو قافلو اڄ باغ پهتو آهي ۽ هي اهو باغ آهي جيڪو 2005 جي زلزلي ۾ اجڙي ويو هو ۽ ان کي ٻيهر باغ بڻائڻ ۾ پ پ جو ڪردار اهم هو، هن اليڪشن تي ڪشمير جي دارومدار آهي، هن چيو ته ميان نواز شريف ڀارت نوازي ۾ ايترو اڳتي وڌي ويو جو هن حريت اڳواڻن سان به ملاقات ڪرڻ گوارا نه سمجهيو، هن ڪشمير واري معاملي تي پاڪستان جي موقف کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، ميان صاحب اوهان مودي کي پنهنجي دوستي جو اهڙو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي جيڪو مسلمانن جي سڀ کان وڏي طاقت طرفان سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ملي رهيو آهي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي سالگره جو ڪيڪ مودي جي هٿن سان ڪٽرايو ان کي اهو ڇو ياد ناهي ته مودي جي دور ۾ ڪشميرين مٿان ظلم عروج تي هو، وزيراعظم را جي ايجنٽ سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، بلوچستان ۾ را جا ايجنٽ گرفتار ٿين ٿا ته نواز شريف ان تي ڪو به ايڪشن نٿو وٺي، بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف جي حڪومت آبادگارن جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ان جي پاليسين سبب آبادگار ۽ هاري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. پ پ چيئرمين چيو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن اهم ۽ تاريخي آهي جيڪڏهن ن ليگ کٽي وئي ته ائين لڳندو ته وزيراعظم نواز شريف کي ڀارتي هم منصب نريندر مودي جي دوستي حمايت ڪئي آهي، ان موقعي تي هن نعرو لڳايو شيرن جو شڪاري زرداري، شيرن جو شڪاري زرداري، هن چيو ته حڪومت 3 سالن ۾ ڪشمير تي بيان بازي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري ڪو منصوبو شروع ڪيو آهي، ڪا به يونيورسٽي ڪا به اسپتال تعمير نه ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *