(ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي: اعتزازاحسن

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن چيو آهي ته (ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي نيب ۽ ايف بي آر کي نوازشريف جي اثاثن جي جاچ ڪرڻ گهرجي ته 1996 تائين 477 رپيا ٽيڪس ڏيندڙ نوازشريف وٽ اربين رپين جا اثاثا ڪٿان آيا لاهور ۾ ميڊيا ان ڳالهائيندي اعتزازاهسن چيو ته ملڪ ۾ سياسي سماجي ۽ معاشرتي انارڪي آهي حڪمران وڏن منصوبن تي لڳل آهن ڇو ته وڏن منصوبن ۾ وڏو گهپلو لڳي ٿو (ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي هن چيو ته نيب صرف هڪ صوبي ۽ هڪ سياسي جماعت جو احتساب ڪري رهيو آهي نيب ۽ ايف بي آر کي نوازشريف جي اثاثن جي جاچ ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *