ن ليگ جو وزيراعظم ۽ وزيرن کان اثاثا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو، جتي انصاف نه هجي جمهوريت ناهي هلندي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن وزيراعظم ۽ وزيرن کان اثاثا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته  رات 12 وڳي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري ٿو، اها حڪومت جي ذهني حالت آهي. هن چيو ته  وزيراعظم ۾ همت آهي ۽ بزدلي ناهي ته پنهنجن ۽ وزيرن جي اثاثن جا تفصيل ويب سائيٽ تي رکي اڇو چٺو پڌرو ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته 72 سالن کان گهٽ عرصي ۾ ٻڌو آهي ته ڪنهن صدر يا وزيراعظم رات 12 وڳي قوم کي خطاب ڪيو هجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جتي انصاف نه هوندو آهي اتي جمهوريت نه هلندي آهي، پرويز مشرف جي دور ۾ به جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، هاڻي به ڏينداسين. هن چيو ته بجيٽ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته اڄ جمهوريت ۽ معيشت کي خطرو آهي،حڪومت عمران خان وٽ آهي پر کيس ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪميشن ٺاهڻي آهي ته ڀلي ٺاهي وڃي، ملڪ جي خدمت ڪندڙ سياستدانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نيب ذريعي هڪ ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو ڳالهائي ٿو تنهن کي دٻايو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته الزام هڻي حڪومت جي ڪمن تان ڌيان هٽايو پيو وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڌمڪيون ڏيڻ سان ڪم نه هلندو حڪومت کي حقيقت کان ڪم وٺڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *