ن ليگ جو عوام ۾ وڃڻ جو اعلان، عمران خان کي راهه فرار اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) اياز صادق ۽ صديق بلوچ جي تڪن تان ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن ۾ عوام جي عدالت ۾ وڃي ٻيهر مهر تصديق ڪرائينداسين ۽ 2013 جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪنداسين عمران خان ۽ جهانگير ترين کي اليڪشن ڪميشن جو بهانو بڻائي چونڊن مان فرار نه ٿيڻ ڏينداسين ان جي ڪوڙ تي ڪوبه يقين نه ڪندو ان کي اليڪشن ڪميشن تحت تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۽ بلدياتي ۽ هريپور جي ضمني اليڪشن ۾ حصو ورتو عمران خان عوام کي منهن نٿو ڏيئي سگهي صرف ان کي گمراهه ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن پنهنجي سچائي جو يقين آهي ته لاهور ۽ لوڌران جي تڪن ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي ڇو ته ان قوم جا ٻه قيمتي سال ضايع ڪيا آهن خميس تي وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل اجلاس کان پوءِ وزير منصوبه ابادي ۽ ترقي واري احسن اقبال سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي سڌسماءُ واري وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته مسلم ليگ (ن) اياز صادق ۽ صديق بلوچ جي تڪن متعلق اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي اچڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته اسان پاڪستان جي عوام جي عدالت ڏانهن وينداسين عوامي عدالت ۾ حاضر ٿي ڪري ٻيهر مهر تصديق ڪرائينداسين ۽ انشاءُالله انهيءَ وانگر ڪاميابي حاصل ڪنداسين جيئن 2013 جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا هئاسين ۽ هريپور ۽ لوڌران کان پوءِ ٿيندڙ تمام ضمني چونڊن ۾ حاصل ڪئي هن چيو ته 2013 ۾ مسلم ليگ جي اميدوار عمر ايوب هريپور کان 750 ووٽن کان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ٿيندڙ ضمني اليڪشن ۾ عمران خان جي صوبائي حڪومت ان جي انتظاميه ۽ پوليس ۽ پٽوارن جي موجودگي ۾ 47 هزار ووٽن جي برطري سان اسان جو اميدوار ڪامياب ٿيو آهي عمران خان خود ان اليڪشن ۾ پنهنجي گهرواري سميت شامل هو. هن چيو ته اياز صادق ۽ صديق بلوچ جي تڪن ۾ عمران خان کي اهڙي طرح شڪست ڏني ويندي جهڙي طرح پهريان ڏني هئي پرويز رشيد چيو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته عمران خان اياز صادق جي تڪ ۾ فراريت حاصل ڪري رهيو آهي جيڪڏهن ان کي پنهنجي سچائي جو يقين آهي ته ان کي ان تڪ مان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته صديق بلوچ جي تڪ ۾ اليڪشن وڙهڻ سان به جهانگير ترين ڀڄي رهيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو بهانو بڻايو پيو وڃي. حالانڪه ان اليڪشن ڪميشن جي تحت ان هريپور جو ضمني ۽ خيبرپختونخواهه جو بلدياتي اليڪشن وڙهيو ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي ان کي مقبوليت جي دليل بڻايو آهي پوءِ انهيءَ اليڪشن ڪميشن تي الزام هڻي فرار ڇو ٿي رهيو آهي اطلاع واري وزير چيو ته 2008 ۾ هو اليڪشن مان ڀڄي ويو ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي همت نه ٿي آمريت اسان کي ٻاهر رکڻ ۽ نوازشريف ۽ شهبازشريف کي اليڪشن نه ورهڻ ڏنو ويو ۽ اسان بغير قيادت جي اليڪشن ۾ حصو ورتو اسان جي ووٽر کي خبر ئي نه هئي ته مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي جي صورت ۾ وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪير ٿيندو ان جي باوجود اسان سڀني کان وڏي صوبي مان ڪاميابي حاصل ڪئي پر هو اليڪشن مان ڀڄي ويا. ڇو ته هو عوام سان منهن نٿا ڏيئي سگهن صرف سازش ڪري سگهن ٿا ۽ انارڪي ڦهلائي سگهن ٿا عوام کي گمراهه ڪري سگهن ٿا ڪراچي ۾ ڏوهارين جي خلاف آپريشن جاري آهي ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب کي مسعت ڏني وڃي ٿي ته انهن اليڪشن ڪميشن جو بهانو بڻائي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن هن چيو ته عمران خان يقين رکي ته جهڙي طرح هو ڌرڻو ڪنٽينر ۾ هنيو هو توهان جي ان احتجاج جو به هاڻي اهو ئي حشر ٿيندو اسان نه ته عمران خان ۽ نه ئي جهانگير ترين کي فرار ٿيڻ جو رستو ڏينداسين. هن چيو ته اياز صادق جي وڪيل خواجه حارث ملڪ کان ٻاهر آهن هو ست سيپٽمبر تي واپس ايندو ته رڪارڊ جي درستگي لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين پر حڪم انتها حاصل نه ڪنداسين. صديق بلوچ وٽ ڊگري متعلق لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي هو به سپريم ڪورٽ ويندو پر حڪم انتا نه وٺنداسين انموقعي تي ڳالهائيندي وفاقي ۽ ترقي ۽ منصوبه بندي واري وزير احسن اقبال چيو ته عمران خان پنهنجي هيٽ ٽرڪ جو ذڪر ڪري رهيو آهي پر انشاءُالله اياز صادق ان جي خلاف ڪاميابي جي هيٽ ٽرڪ ڪندو ڇو ته هو پهريان عمران خان کي ٻه دفعا شڪست ڏيئي چڪو آهي. عمران خان جو ايجنڊا آهي ته حڪومت جي توجهه ملڪ جي اصل ايجنڊا کان هٽائي وڃي هن چيو ته اسان 2018 تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو چاهيون ٿا انتهاپسندي جو خاتمو چاهيون ٿا ڪراچي ۽ بلوچستان۾ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون عمران خان جيتري ڪوشش ڪري اسان پنهنجي حدفن کان نه هٽنداسين هن چيو ته عمران خان جي ڌرڻي سان اسان جي طاقت ۾ اضافو ٿيو ۽ ضمني اليڪشن ۾ ان جو ڌرڻي جو تختو الٽي پيو جن تڪن ۾ ضمني اليڪشن ٿيڻي آهي اتي پهريان جي نسبت چئن کان پنج گناهه وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪنداسين هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد ٻڌايو ته اين اي 122 ۾ مسلم ليگ (ن) جو اميدوار پهريان وارو ئي هوندو جڏهن ته اين اي 154 ۾ نااهلي جو معاملو درپيش آهي ان جي لاءِ صورتحال مطابق فيصلو ڪيو ويندو ان کان اڳ وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال خاص طور تي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلن تي تفصيلي غور ڪيو ويو جڏهن ته پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن متعلق معاملن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق وفاقي وزير پنجاب جو وڏو وزير کان علاوه وزيراعظم جو معاون خصوصي ۽ پارٽي جا ڪجهه پارليمينٽ ميمبر صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اياز صادق جي تڪ اين اي 122 ۽ صديق بلوچ جي تڪ اين اي 154 ۾ مسلم ليگ (ن) ضمني اليڪشن وڙهندي ۽ عوام جي عدالت ۾ ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *