ن ليگ اسان نه مريم نواز پاڻ ٽوڙي، سنڌ مان ويندڙ پئسو دبئي مان نڪري ٿو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد/راولپنڊي (اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته راڻا ثناءَ الله طرفان پنهنجي صفن ۾ بغاوت جو اعتراف مسلم ليگ ن جي سياسي مورچي ۾ ڏار آهي. ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب جي اسيمبلي ميمبرن جي وزيراعظم سان ملاقات مسلم ليگ ن قيادت جي آمراڻي سوچ خلاف بغاوت آهي، اهي ميمبر مورثي غلامي لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته مسلم ليگ ن وٽ ڪو به نظريو ۽ قيادت ناهي، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جو پٽڪو پٽيندڙن جي منهن مان مڊٽرم چونڊن جي ڳالهه ڪهڙي جمهوريت آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مغليه شاهي خاندان خلاف بغاوت جي علم جو مطلب نئين پاڪستان جي قافلي، نظريي ۽ قيادت تي اعتماد آهي.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران اسماعيل جادوگر ماڻهو آهي، سنڌ ۾ اسان جا نمبر پورا آهن، جڏهن عمران خان چوندو ته سنڌ ۾ تبديلي ايندي، 9.8 ارب قرض جي صورت ۾ واپس ڪيو، جڏهن ايترو قرض واپس ڏيڻو هجي ته عوام کي رليف ڏيڻ سولو نه آهي، زرداري ۽ نواز شريف کنڊ مافيا جا ماڻهو آهن، انهن زراعت تباهه ڪري ڇڏي آهي، 2 ارب تيل سان گڏ هڪ ارب ڊالر جي ملڪ ۾ دال گهرايون ٿا، زرداري ۽ ٻين جي گرفتاري تي خوشي آهي، بلوچستان جي ايم اين ايز کي اربين رپيا ڏنا ويا ان جو حساب ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم ڪافي اهم ڪميشن ٺاهيو آهي، گذريل 10 سال حڪومت ڪندڙ سڀ اندر ويندا، سومر تي وفاقي وزير فواد چوڌري پير مهر علي شاهه يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ زرعي يونيورسٽي سٺو ڪم ڪري رهي آهي، سياسي ڳالهيون روزانو ڪريون ٿا، پر انهن درسگاهن ۾ باراني علائقن جي فصلن تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پوٺ هار ۾ انگرو ۽ زينتون جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، هن چيو ته اسان روز ڊالر ۽ مهانگائي وڌڻ جون ڳالهيون ڪريون ٿا، اسان ڪا به شيءِ ملڪ ۾ پيدا نه پيا ڪريون ۽ 2 ارب جو تيل گهرايون ٿا، هن چيو ته زرداري ۽ نواز شريف کنڊ مافيا جا ماڻهو آهن، انهن زراعت تباهه ڪري ڇڏي آهي، 2 ارب تيل سان گڏ هڪ ارب ڊالر جي ملڪ ۾ دال گهرايون ٿا، زرداري ۽ ٻين جي گرفتاري تي خوشي آهي، بلوچستان جي ايم اين ايز کي اربين رپيا ڏنا ويا ان جو حساب ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم ڪافي اهم ڪميشن ٺاهيو آهي، گذريل 10 سال حڪومت ڪندڙ سڀ اندر ويندا، هن چيو ته ڪجهه بلوچ سردارن جا ڪلارڪ مهانگيون گهڙيون پائي گهمن ٿا، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهم ڪميشن ٺاهيو آهي ۽ گذريل 10 سال حڪومت ڪندڙ سڀ اندر ويندا، هن چيو ته انهن مان ڪو به ماڻهو ٻاهر نه رهندو، دولت کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ آهي، هيٺين درجي تي تپيدار ۽ ٿاڻيدار جي ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي، مٿين درجي جي ڪرپشن اٽڪل ختم ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان ٻئي واعدا پورا ڪنداسين، ملڪ ۾ احتساب جاري آهي، شفاف حڪومت ۽ گڊ گورننس جو ماحول جاري آهي ان مان گهڻو صوبائي ڪم آهي، هن چيو ته ريسرچ جي ادارن کي مستحڪم ڪرڻو آهي، وفاقي وزير چيو ته خانگي سيڪٽر کي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي رهيا آهيون، هن چيو ته نيب کي بلاول کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو آهي، نيب کي ڏسڻو آهي ته بلاول جو اهو ئي اڪائونٽ آهي جنهن مان ايان علي ڏانهن پيسا ويندا رهيا، هن چيو ته ڇانگا مانگا جي سياست تڏهن ٿئي جڏهن اسان ماڻهن کي گهرائيندا هجون هن چيو ته ن ليگ کي ٽوڙڻ جو اهم ڪردار مريم نواز ادا ڪيو آهي، مريم نواز شهباز شريف جي قيادت تي راتاهو هنيو آهي، ماڻهو پريشان آهن ته ڇا ڪريون، شهباز شريف ميثاق معيشت تي ڳالهه ڪئي ته مريم نواز ان جي مخالفت ڪئي، اڳوڻي ترجمان ملڪ احمد خان ڳالهه ڪئي ته مريم نواز ان کي ڇٿي ڇڏيو، هن چيو ته ن ليگ مان جيڪي اسان وٽ ايندا ته اسان انهن کي ڪم ڪرڻ جو آشيانو ڏينداسين، هن چيو ته چوڌري نثار جو جڏهن وقت هو ته ڪڪڙ وانگر آنن تي ويٺو رهيو ۽ انهن آنن تان نه اٿيو، اختر مينگل صاحب جو سڀ کان وڏو مسئلو مسنگ پرسن هو، هن چيو ته جڏهن عمران خان چوندو ته سنڌ ۾ تبديلي ايندي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير کي يونيورسٽي انتظاميا سونيئر پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *