نگران وزير اعظم جي سوات دوري تي ڪروڙين رپيا خرچ، وفاقي حڪومت نوٽيس جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي راڄڌاني ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ نگران وزير اعظم ناصر الملڪ جي سوات جي دوري تي ڪروڙين رپين جي خرچن جي واپسي لاءِ داخل درخواست تي وفاقي حڪومت کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب نگران وزير اعظم ناصر الملڪ جي سوات جي دوري تي ڪروڙين رپين جي خرچ بابت ڪيس تي جسٽس مامون الرشيد شيخ بيرسٽر جاويد اقبال جعفري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  عدالتي حڪم جي باوجود وفاقي حڪومت جواب داخل داخل ناهي ڪرايو جنهن تي عدالت ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته نگران وزير اعظم پنهنجي اباڻي گهر سوات وڃڻ لاءِ 22 گاڏين کي استعمال ڪيو. درخواستگذار جو چوڻ هو ته نگران وزير اعظم رياستي ذميواري بدران ذاتي معاملن لاءِ پروٽوڪول استعمال ڪيو جنهن سبب قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو. درخواست ۾ چيو ويو ته عدالت ان معاملي تي ڪارراوائي ڪري ۽ پروٽوڪول تي ٿيل خرچ واپس سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *