نگران وزيراعظم لاءِ انٽرويوز راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن: شيخ رشيد جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد سيپٽمبر ۾ چونڊن جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ معيشت دانن جا انٽرويوز راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 31 مئي کان اڳ فيصلا ٿيندا، انهن وٽ هڪ ووٽ جي اڪثريت آهي ۽ اهي قائم نٿا رهي سگهن، آصف زرداري ن ليگ کي اتي ماريو آهي، جتي انهن کي پاڻي نه ملي. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف ۾ ٻڌڻي جي پيروي نه ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، توهان نه نيب جو ڪجهه بگاڙي سگھندئو ۽ نه ايف آءِ اي کي ڪجهه ڪري ٿا سگهو، اصل مسئلو هي آهي ته تڪليف ڪٿي آهي ۽ سور ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي رهيو آهي، حڪومت انهن کان هلي ناهي رهي، هي بهانا ڳولي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هي جيتري دير ڪندا اوتري پنهنجي سياسي قبر کوٽيندا، بهتر آهي لانگ مارچ کان اڳ چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته حساس ادارن جي اڪثريت جي راءِ آهي ته اليڪشن ئي حل آهي ۽ ادارا چون ٿا ته آصف زرداري کانسواءِ سڀ چونڊن لاءِ تيار آهن. هن چيو هو ته مان ادارن جو خاص هئس، آهيان ۽ رهندس، حڪومت ادارن سان رابطا ڪيا ۽ ڏيڍ سال جي گارنٽي گھري پر ادارن نه ڏني، جڏهن ادارا نيوٽرل ٿيا ۽ پنهنجي پاڻ کي الڳ ڪيو ته هاڻي انهن کان حڪومت ناهي هلي رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *