نيڪ نيتي سان جيترو ٿي سگھي ڪم ڪيو، تنقيد ڪندڙ بهانو ڳولي وٺندا آهن: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيڪ نيتي سان جيترو ٿي سگھي ڪم ڪيو، تنقيد ڪندڙ بهانو ڳولي وٺندا آهن، مخالف اڳ ئي چوندا هئا ته ميچ ٿيڻ گھرجي ۽ پوءِ چيو ته نه ٿيڻ گھرجي، وزيراعظم ڪويت ۾ ايوان صنعت ۽ واپاري جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، وزيراعظم نالو کڻڻ کان سواءِ مخالفن تي تنقيدي ڪئي، سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل فائنل ۾ خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان وچ ۾ مقابلو هو، جيڪڏهن ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ ميچ هجي ها ته  چون ها ته ميچ به پاڻ ۾ کيڏي پئي وڃي، نواز شريف چيو ته نيڪ نيتيءَ سان جيتري مرضي ٿئي ڪم ڪيو تنقيد ڪندڙ ڪو نه ڪو بهانو ڳولي وٺندا آهن، وزيراعظم ڪويت جي واپاري وفد کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو وٺن.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *