نيپرا ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 27 پئسا واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 27 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جنوري جي مهيني جي فيول لاڳت جي مد ۾ ڪئي وئي آهي جنهن جو اطلاق اپريل جي بلن تي ٿيندو، نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي بجلي صارفين تي 3 ارب 38 ڪروڙ جو اضافي بار برداشت ڪرڻو پوندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *