نيپرا بجلي واهپيدارن تي 91 ارب 36 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيپرا بجلي واهپيدارن کي 91 ارب 36 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي نيپرا جي چيئرمين توصيف فاروقي جي سربراهي م بجلي ڪمپنين جي هلندڙ مالي سال جي ٻه ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواستن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي بجلي ڪمپنين پهرين ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کان 44 ارب 70 ڪروڙ رپيا اڳاڙي جي درخواست ڪئي ٻي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان 46 ارب 65 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويئي ڊسڪوز عملدارن چيو ته واڌو رقم ادائيگين، آپريشنز اينڊ مينٽيننس سميت بجلي نقصانن جي مد ۾ گهري ويئي آهي، نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي پڇا ڪئي ته لائين لائسز گهٽائڻ لا3 ڪهڙا قدم کنيا پيا وڇن بجلي ڪمپنيون لائن لاسز کي گهٽائڻ لاءِ پلان ڏين گذريل ٻڌڻي تي به اٿارٽي پلان گهريو هو اڃا تائين ناهي مليو نيپرا بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي جنهن تي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *