نيپرا بجلي هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا بجلي هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي نيپرا بجلي ڪارخانا هلائڻ لاءِ طئي ٿيل اڪنامڪ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سي پي پي اي کي 86 ڪروڙ رپيا ادائيگي کي روڪي ورتو اربع تي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني وار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ٻڌڻي نيپرا جي چيئرمين توسيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ اسلام اباد ۾ ٿي ٻڌني کان پوءِ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 6 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني آڪٽوبر جي فيول پرائيز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 29 پئسا في يونٽ جڏهن ته نومبر جي فيول پرائي ايڊجسٽمينت جي مد ۾ بجلي 77 پئسا مهانگي ٿيندي بجلي جي قيمت ۾ واڌ سان صارفين تي 8 ارب 49 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو ٻڌڻي دوران چيئرمين نيپرا فرنس آئل تي مهانگي بجلي پيداوار تي خدشن جو اظهار ڪيو هن چيو ته آڪتوبر تي پاور پلانٽس هلائڻ لاءِ اڪنامڪس ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آڪٽوبر ۾ 2 ارب رپين جي بجلي فرنس آئل ۽ ڊيزل مان ٺاهي ويئي هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا جو فرنس آئل ۽ 13 ڪروڙ رپيا جو ڊيزل ٻاريو ويو نيپرا عملدارن ٻڌايو ته مهانگي بجلي ڇو پيدا ڪئي ويئي ان جو اطمينان بخش جواز نه ڏنو ويو سي پي پي اي جي بلنگ مان 86 ڪروڙ رپين جي ادائيگي روڪي ڇڏي آهي سي پي پي اي عملدارن موقف اختيار ڪيو ته نيپرا طرفان فرنس آئل ۽ ڊيزل وارا پلانٽ هلائڻ جي روڪٿام نه آهي انهن پلانٽس کي مجبوري ۾ هلايو ويو جڏهن گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي ٿي نيپرا فرنس آئل ۽ ڊيزل جي قيمت ادا نه ڪندي ته هي رقم گردشي قرض ۾ شامل ٿي ويندي سي پي پي اي سوئي گئس ڪمپني طرفان گهٽ گئس فراهمي سبب به پاور پلانٽس کي ڪيپيسٽي پيمنٽ ڪرڻ جي پابند آهي سوئي گئس ڪمپني طرفان گهٽ گئس فراهم سبب به پاور پلانتس کي ڪيپيسيٽي پيمنٽ ڪرڻ جي پابند آهي سوئي ڪمپنين سي پي پي اي جي اربين رپين جي ڪليمز کي تڪراري بڻائي روڪي ڇڏيو آهي ٻڌڻي دوران سي پي پي اي عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ته حڪومت نومبر 2019 کان جون 2020 تائين گڏيل طور تي 17 ارب رپين جي مهيني وار فيول ايڊجسٽمينٽ صارفين وصول نه ڪئي نيپرا آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ اڳاڙي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي جڏهن ته حڪومت نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو حڪومت انهن 17 ارب رپين کي هلندڙ سال لاءِ مخصوص پاور سبسڊي ۾ ايڊجسٽ ڪري سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *