نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 52 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي بجلي ڪيرائي ڇڏي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي پاران فيول ايڊجسٽمينٽ جي مـد ۾ بجليءَ جــِي قيمت ۾ 52 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست منظور ڪندي بجلي جي اگهه ۾ 52 پئسا في يونٽ اضافجي منظوري ڏني. قيمتن ۾ تازي واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي اوڳاڙي عوام کان ايندڙ مهيني ڪئي ويندي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهه ۾ تازو اضافو ڪــَي اليڪٽرڪ کانسواءِ ملڪ جي ٻين سمورين بجلي ورڇ وارين ڪمپنين تي لاڳو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *