نيپرا بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آٻاد(بيورو) نيپرا، بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ ٿي. نيپرا، نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 2 رپيا
97 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني. اگهن ۾ گهٽتائي بعد جنوري جي بلن ۾ ڪراچي کانسواءِ سڄي ملڪ جي واهپيدارن کي 17 ارب رپين جو رليف ملندو. نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي پنجاهه يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار تي لاڳو نه ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي اعلان بعد نيپرا بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *