نيپرا بجلي جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 55 پيسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، واڌ سان صارفين تي 5 ارب 20 ڪروڙ رپين جو بار پوندو، واڌ اپريل جي ماهوار فيول پرائيز ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي آهي، اڱاري تي نيپرا ۾ اپريل جي فيول پرائيز ايڊجيسٽمينٽ لاءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست جي ٻڌڻي نيپرا جي وائيس چيئرمين رحمت الله جي سربراهي ۾ ٿي. نيپرا جي پنجاب جي ميمبر سيف الله ۽ سنڌ جو ميمبر رفيق احمد شريڪ ٿيو، سينٽرول پاور پرچيزنگ ايجنسي جي اپريل جي فيول پرائيس ايڊجيسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 57 پيسا مهانگي ڪرڻي جي درخواست ڏني هئي، نيپرا کي ٻڌايو ته اپريل ۾ ڪل 9 ارب 71 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي،. بجلي پيدا ڪرڻ تي ڪل لاڳت 53 ارب 63 ڪروڙ ٿي، اپريل ۾ پاڻي مان 23 سيڪڙو ڪوئلي مان 10.34 سيڪڙو بجلي ٺاهي وئي، نيپرا کي بريفنگ ڏني وئي ته فرنس آئل مان 4.95 سيڪڙو، گيس مان 18.42 سيڪڙو ۽ ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان 30 سيڪڙو بجلي ٺاهي وئي، عملدارن موجب اپريل ۾ آر ايل اين جي وارا پلانٽ ناهن هلايا ويا، سي پي پي اي موجب اپريل ۾ هائيڊل مان 22.94 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 10.34 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، مقامي گيس مان 18.24 سيڪڙو ۽ ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان 30.83 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، اپريل ۾ ايٽمي وسيلن مان 7.67 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 55 پيسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *