نيپال جي گم ٿيل جهاز جو ڍير ملي ويو،23 مسافر اجل جو شڪار

کٽمنڊو (م.ڊ) نيپال جو ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، اختيارين حادثي ۾  جهاز ۾ سوار23 ڄڻن مسافرن جي فوت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، غير ملڪي ايجنسي مطابق نيپال ۾ جهاز خراب موسم سبب جهنگ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، هن کي نيپال جو ٻيو وڏو هوائي حادثو قرار ڏنو پيو وڃي، اختيارين مطابق جهاز جو ٽيڪ آف کانپوءِ ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ جهنگ ۾  هن جو ڍير مليو، مارجي ويندڙن ۾ چيني ۽ ڪويت جا شهري به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *