نيپال جي زلزلي متاثر علائقن ۾ پاڪستاني امداد تي ڀارتي ميڊيا جي تنقيد افسوسناڪ آهي:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، نيپال جي زلزلي متاثر علائقن ۾ پاڪستاني امدادي تي ڀارتي ميڊيا جي تنقيد کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ امدادي ڪارڪن نيپال ۾ موجود آهن، امدادي سرگرمين تي نيپالي حڪومت به ساراهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان نيپال ۾ امداد پهچائيندڙ ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران نيپال جي زلزلي متاثر علائقن ۾ پاڪستاني امداد تي تنقيد افسوسناڪ آهي،نيپالي حڪومت پاڪستان جي امداد کي ساراهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ امدادي ڪارڪن نيپال ۾ موجود آهن،جڏهن ته بختاپور پاڪستاني فيلڊ اسپتال ۾ عورت هڪ ٻار کي جنم پڻ ڏنو. سعودي وليعهد شهزادي مقرن ۽ پرڏيهي وزير سعود الفيصل کي هٽائڻ واري معاملي تي تسنيم اسلم چيو ته قيادت ۾ تبديلي سعودي عرب جو اندروني معاملو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن سان پاڪستان تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، هـُو ٻين ملڪن جي لاڳاپن تي تبصرو نه ڪندا. هن چيو ته والاريل ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي،ڀارت طرفان اتي هندو وسنديون آباد ڪرڻ مذمت جوڳو قدم آهي. پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته ڪا به شمارياتي تبديلي ڪشميرين جي راءِ بدلائي نه ٿي سگهي،ڪشمير جو مسئلو حق ڏيڻ سان ئي حل ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *